دُور درشن

دُور درشن

دُور درشن

دُور درشن: دُور درشن، ڀارت جي ٽيليويزن- نشرياتي ادارن مان هڪ وڏو ادارو آهي. ’دور درشن‘ جي لفظي معنيٰ ’پري جو ڏيک يا ديدار‘ آهي، جيڪو ٽيليويزن جو هندي متبادل لفظ آهي. هن اداري کي پنهنجا ڪيترا اسٽوڊيو ۽ ٽرانسميشن جو الڳ انتظام آهي، جيڪو گهڻي ڀاڱي ڊجيٽلائيزڊ آهي. 15 سيپٽمبر 2009ع تي دُور درشن جي 50هين سالگرهه شان ۽ مان سان ملهائي وئي. دُور درشن تان نه رڳو پروگرام ٽيليڪاسٽ ٿين ٿا، پر هن اداري کي دُور درشن نالي ريڊيو ۽ موبائيل فون سروس به آهي، جيڪا نه صرف ڀارت جي اندرين حصن ۾ مقبول آهي، پر ٻاهرين دنيا ۾ به رابطي جو بهترين وسيلو آهي. دُور درشن جون تجرباتي نشريات 15 سيپٽمبر 1959ع کان شروع ٿيون هيون، جيڪي ان وقت محدود پيماني تي هيون. 1965ع کان دُور درشن جون نشريات، آل انڊيا ريڊئي سان ملائي ڏيکاريون ويون، جڏهن ته 1972ع ۾ دُور درشن جون نشريات ممبئي ۽ امرتسر مان وڏي پيماني تي ڏيکارجڻ شروع ٿيون ۽ جيڪي 1975ع تائين هليون. انهيءَ زماني ۾ ڀارت جي ستن شهرن ۾ دُور درشن چينل نظر ايندو هو. 1976ع ۾ دُور درشن کي آل انڊيا ريڊيو کان ڌار ڪري ان جو الڳ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو ۽ ان جون نشريات دهليءَ مان هلايون ويون. 1982ع کان دُور درشن چينل نه رڳو قومي نشرياتي اداري طور ڪم ڪري رهيو آهي، پر ان جون رنگين نشريات پڻ ساڳئي سال کان شروع ٿيون. 15 آگسٽ 1982ع تي پهريون ڀيرو ڀارت جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ هندستان جي آزاديءَ واري ڏينهن هن چينل تان براه راست قوم کي خطاب ڪيو هو. 1982ع ۾ ئي ڀارت ۾ ٿيل ايشين گيمس جو پروگرام به دُور درشن تان ڏيکاريو ويو هو.
هي چينل ڀارت جو مقبول چينل آهي ۽ سڄيءَ دنيا ۾ هن چئنل کي ڪافي پذيرائي ملي آهي. هن چينل تان ڪلاسيڪل توڙي هلڪي موسيقيءَ جا پروگرام، خبرون، تبصرا، ڊراما وغيره ڏيکاريا وڃن ٿا. هن چينل جي مشهور پروگرامن ۾ ’هم لوگ‘ (1984ع)، ’بنياد‘ (87-1986ع) ۽ کِل ڀوڳ وارو ناٽڪ ’يه جو هي زندگي‘ مشهور ٿيا. هن چئنل تان ڏوهي ڪهاڻيون، مذهبي ڪهاڻيون ۽ گيت، ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ ڪارٽون وغيره هلايا وڃن ٿا. هن وقت دُور درشن نيٽ ورڪ هيٺ 58 مختلف چينل نشريات ڏئي رهيا آهن، جن ۾ ٻه قومي چئنل، 11 رياستي ٻولين جا چئنل، چار بين الاقوامي رابطي جا چئنل، هڪ راجيا سڀا جو چئنل ۽ هڪ لوڪ سڀا جي سرگرمين کي براه راست ڏيکاريندڙ چئنل شامل آهن، جڏهن ته نيوز چينلن ۽ راندين جي رياستي يا مقامي ٻولين ۾ هلندڙ چينلن جي لسٽ هن ريت آهي: (1) ڊي. ڊي. انـڊيمـان، (2) ڊي. ڊي سيـتـاگــري، (3) ڊي. ڊي آسام، (4) ڊي. ڊي بهار، (5) ڊي. ڊي چندانا، (6) ڊي. ڊي. چنديڳڙهه، (7) ڊي. ڊي ڇتيس ڳـڙهـه، (8) ڊي. ڊي دهـلـي، (9) ڊي. ڊي ديرادون، (10) ڊي. ڊي گرنار، (11) ڊي. ڊي گوئا، (12) ڊي. ڊي گجراتي، (13) ڊي. ڊي هريانا، (14) ڊي. ڊي هماچل پرديش، (15) ڊي. ڊي هسار، (16) ڊي. ڊي جئپور، (17) ڊي. ڊي ڄمون، (18) ڊي. ڊي جهارکنڊ، (19) چندانا ڪناڙا، (20) ڊي. ڊي ڪيرالا، (21) ڊي. ڊي ڪَشر، (22) ڊي. ڊي مڌيه پرديش، (23) سهادري مراٺي، (24) ڊي. ڊي ملايالام، (25) ڊي. ڊي مـاڻـيـپـور، (26) ڊي. ڊي ميـزورام، (27) ڊي. ڊي نـانگـالـيـنـڊ، (28) ڊي. ڊي نـارٿ ايـسـٽ، (29) ڊي. ڊي اوريـا، (30) ڊي. ڊي پـوديـگائــي، (31) ڊي. ڊي پورٽ بليئر، (32) ڊي. ڊي پنجاب، (33) ڊي. ڊي پونڊي پري، (34) ڊي. ڊي رائپور، (35) ڊي. ڊي سڪم، (36) ڊي. ڊي ساهيادري، (37) ڊي. ڊي تامل ناڊو، (38) ڊي. ڊي چيناڻي، (39) ڊي. ڊي اتراکنڊ، (40) ڊي. ڊي اترپرديش ۽ ٻيا مختلف چينل هلن ٿا. ڪافي وقت کان ڀارت جا سنڌي دُور درشن تان سنڌيءَ ۾ نشريات لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، جن ۾ آشا چاند ۽ ڪي ٻيا شامل آهن، پر في الحال هفتي ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ سنڌي پروگرام نشر ڪيا وڃن ٿا، جيڪي پڻ آشا چاند ۽ جئه سنڌي سنگت پاران تيار ڪيل هوندا آهن. هي سمورا چينل، جيڪي رياستي ۽ مقامي ٻولين ۾ نشر ٿين ٿا، تن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪڙا اهي جيڪي ڪنهن خاص رياستن لاءِ آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي ڪن خاص ٻولين ۾ آهن. جيڪي صرف ڪيبل نيٽ ورڪ وسيلي ڏسي سگهجن ٿا ۽ بين الاقوامي رابطي ۾ نٿا ڏيکاريا وڃن. دُور درشن جو الڳ ڊي. ڊي. نيوز چينل، 3 نومبر 2003ع تي تيار ڪيو ويو. هي سڀ چئنل ڀارت جي مختلف صنعتي ادارن جي اشتهارن تي هلن ٿا. هنن چئنلن ڏسندڙن جو تعداد 2002ع جي شماريات موجب صرف 2.38 سيڪڙو هو، ڇو ته ان کي بي. بي. سي وانگر الڳ نشرياتي بورڊ نه آهي، جيڪو پنهنجي پاليسي ماڻهن جي تڪليفن ۽ جذبن کي محسوس ڪري ٺاهي.


لفظ دُور درشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2009.09.15  عيسوي

15 سيپٽمبر 2009ع تي دُور درشن جي 50هين سالگرهه شان ۽ مان سان ملهائي وئي.


1982.08.15  عيسوي

. 15 آگسٽ 1982ع تي پهريون ڀيرو ڀارت جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ هندستان جي آزاديءَ واري ڏينهن هن چينل تان براه راست قوم کي خطاب ڪيو هو.


1959.09.15  عيسوي

دُور درشن جون تجرباتي نشريات 15 سيپٽمبر 1959ع کان شروع ٿيون هيون، جيڪي ان وقت محدود پيماني تي هيون


2003.11.03  عيسوي

دُور درشن جو الڳ ڊي. ڊي. نيوز چينل، 3 نومبر 2003ع تي تيار ڪيو ويو.



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاڪستان سرڪار جو اشاعتي کاتو
جمعيت اهل حديث
سر شاهنواز ڀٽو لائبريري
آغا خان اسپتال حيدرآباد
ذاڪري لائبريري
سپارڪو
شانتي نڪيتن
انجمن حسيني
چانڊڪا اِميچوئرس ڊرامئٽڪ سوسائٽي لاڙڪاڻو
رامسر ڪنوينشن ۽ سنڌ ۾ رامسر سائيٽون
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون